پنچائت (اخبار)

پنچائت (اخبار): هي هفتيوار سنڌي اخبار 1927ع کان لڌن تولا رام جي ادارت هيٺ سلطان ڪوٽ، ضلعي شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿي. هيءَ اخبار شهر جي امرت پريس مان شايع ٿيندي هئي ۽ اُن جون ٽي سؤ ڪاپيون ڇپيون هيون، اخبار جي قيمت ٽي آنا هئي. هن اخبار ۾ ڌرمي ۽ سماجي مواد شايع ٿيندو هو. اخبار پڙهندڙن ۾ سٺي مقبوليت ماڻي، ڪافي عرصو شايع ٿيندي رهي، بعد ۾ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو